خطيب شاهه صدرالدين جي قبر

خطيب شاهه صدرالدين جي قبر: شاهه صدرالدين خطيب جي قبر، سکر ضلعي ۾ بکر جي قلعي اندر اڀرندي طرف آهي. هن ڪامل ولي الله جي تربت، عقيدتمندن لاءِ مشهور زيارتگاهه آهي. هي بزرگ ’خطيب‘ جي لقب سان مشهور ٿيو. مزار جي ٻاهران هڪ گدامڙيءَ جو وڻ آهي، جنهن لاءِ عام روايت آهي ته قلندر لعل شهبازرح، ملتان کان سيوهڻ ويندي، قيام وقت هن وڻ جو ڏندڻ پوکيو هو، جنهن مان هي وڻ پيدا ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو